قاضي ثناءَ الله پاڻيپتي

قاضي ثناءَ الله پاڻيپتي : مشهور عالم ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي فقيه محدث، محقق، مفسر شيخ جلال الدين ڪبير الاولياءَ جي اولاد مان هو. پاڻ پهرين رجب المرجب 1225هه/ 2 آگسٽ 1810ع تي ڄائو. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن حفظ ڪيائون ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، هو مولانا محمد عابد ستانيرح وٽ دستِ بيعت ٿيو. مولانا محمد عابد جي وفات کان پوءِ هن حضرت مرزا مظهر جان جانان کان علم تفسير، فقه، ڪلام ۽ تصوف ۾ فيض حاصل ڪيو.مولانا شاهه عبدالعزيز دهلوي هن کي گهڻو چاهيندو هو. هو علم تفسير، فقہ، ڪلام ۽ تصوف جو وڏو عالم هو. ثناءَ الله گهڻن ئي ڪتابن جو مصنف هو. هن جو هڪ ڇپيل ڪتاب ”تفسير مظهري“ جي نالي سان ڪافي مشهور ٿيو، جيڪو ستن صخيم جلدن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو